صدرجي ڀٽيون (رپورٽر ) صدرجي ڀٽيون ۾ سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ شھيد بادشاھ جي ميلي جي پھرين ڌمال ڪرائي وئي، سنڌ ۽ پنجاب جي ملھ پھلوانن جا ملھ مقابلا ڪرايا ويا رپورٽ موجب صدرجي ڀٽيون ۾ سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ اولياء جيئندل فقير ڪلھوڙو المعروف شھيد بادشاھ جي ميلي جي پھرين ڌمال ڪرائي وئي ملھ ملاکڙي جي پھرين ڌمال ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ملھ پھلوانن علي نواز ميتلو، ديدار جمالي، ٽيڊي شيدي، بابر جمالي، سيد سجاد شاھ غلام مرتضا، حسنين ۽ ٻين ملھ پھلوانن جا ملھ مقابلا ڪرايا ويا جڏهن ته کٽندڙ ملھ پھلوانن کي درگاھ جي گادي نشين نياز حسين عرف ناظم ڪلھوڙو، سماجي اڳواڻ جميل جوکيو، امتياز جوکيو، محمد مراد جوکيو ۽ ملاکڙي جي مھمان خاص عاشق علي عباسي صدر انجمن تاجران خيرپور، عارف جان عڀاسي، محمد امجد ڇڄڙو، سيد ڪوثر شاھ استاد گل حسن ڀٽو ۽ ٻين پاران روڪ رقم انعام ڏنا ويا ۽ آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پڻ پارايا ويا،