My WordPress Blog

شڪايتن جي مود ۾ ناهيان، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ چاهيان ٿو: نواز شريف

0

لاهور ( م ڊ) نون ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هو شڪايتن جي موڊ ۾ ناهي، ماضي جون زيادتيون وساري مستقبل جي منصوبابندي ڪرڻ آيو آهي.لاهور ۾ چونڊ منشور جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ تي ڪيئي ڀيرا جيل جو منهن ڏسڻو پيو، انتقام نه ترقي واري سياست تي ڌيان کتل آهي، ماضي جون زيادتيون وساري مستقبل جي منصوبابندي ڪرڻ آيو آهيان، اڄ شڪايتن جي موڊ ۾ ناهيان.هن چيو ته اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، الله موقعو ڏنو ته منشور تي عمل ڪنداسين، اسان اِهو ئي ڪنداسين جيڪو اسان جي منشور ۾ هوندو، اپوزيشن ۾ ويٺاسين ته اهو ڪم ڪڏهن نه ڪنداسين جيڪو انهن ڪيا، اِهو اسان منشور آهي.نواز شريف چيو ته ملڪ گهڻن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، ملڪ کي سمورن مسئلن مان ڪڍڻ چاهيون ٿا، عمل تي پري جي ڳالهه، ڪجهه ماڻهن وٽ ته منشور ئي ناهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو معيشت ۽ مهانگائي آهي.هن پي ٽي آءِ قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان هڪ سٺي روايت وڌي، آصف زرداري کي صدر طور قبول ڪيو، اسان منشور ۾ ناهي ته حڪومت کي هٽائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪيون، سندن ڪم ئي ڌرڻا ۽ احتجاج آهن، اهڙن ماڻهن جي ڪري چيني صدر ٻه ڀيرا پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو پر اسان کي موقعو مليو ته ته اِهو ئي ڪنداسين جيڪو اسان جي منشور ۾ لکيل آهي.نون ليگ قائد چيو ته وزيراعظم طور بني گالا ويس، کيس(عمران خان ) وزيراعظم هائوس گهرائي پئي سگهيس، پر پاڪستان خاطر بني گالا سندس گهر ويس، هو ڪجهه نه پيو چاهي، پوءِ خبر پئي ته اسلام آباد کان بني گالا تائين روڊ جو چيائين، اسان اِهو روڊ ٺاهيو، جيڪڏهن اِها ڳالهه هئي ته پهريان چئي ڇڏي ها اِهو ڪم اسان پهرين ڪري ڇڏيون ها.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ جي سياسي قيمت ادا ڪئي، سدائين اصولن تي سياست ڪئي، ڪڏهن سوچيندو آهيان ته غلطي جو پتو لڳائڻ گهرجي، صبر کان ڪم وٺي رهيو آهيان، مارشل لا دور بابت نه ٿو ڳالهائڻ چاهيان.

Leave A Reply

Your email address will not be published.