My WordPress Blog

شهباز شريف بلاول جو نواز شريف کي مناظري جو چئلينج قبول ڪري ورتو

0

راولپنڊي: (م ڊ ) ن ليگ جي صدر شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري جو نواز شريف کي مناظري جو چئلينج مشروط طور تي قبول ڪري ورتو. لياقت باغ راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته هڪ سياسي اڳواڻ چيو ته هو نواز شريف سان مناظرو ڪرڻ چاهي ٿو، نواز شريف کي پنهنجي صوبي ۾ معائني لاءِ گھراءِ پوءِ مناظرو به ٿيندو ۽ ڀيٽ به ٿيندي، 8 فيبروري تي فيصلو ٿيڻ آهي ته ڪنهن خدمت ڪئي ۽ ڪنهن ڌِڪو ڏنو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ نواز شريف اسپتالن ۾ مفت دوائون ڏنيون، دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڇا ڪيو؟ نواز شريف کي هڪ ڀيرو وري وزيراعطم بڻايو، راولپنڊي کي لاهور نه بڻايو ته منهنجو نالو شهباز شريف ناهي، واعدو ڪريان ٿو ته نواز شريف جي خادم جيان خدمت ڪندس. ن ليگ جي صدر جو چوڻ هو ته نواز شريف لياقت باغ ۾ جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪيو، نواز شريف ميٽرو بس منصوبي جي مخالفت ڪئي وئي، ميٽرو بس تي اڄ هر طبقي سان واسطو رکندڙ سفر ڪندا آهن، نواز شريف جي منصوبا ڳڻڻ شروع ڪريان ته شام ٿي ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.