My WordPress Blog

تعليم جو منشور پيش ڪندڙن جي پنهنجي صوبي جي اسڪولن ۾ مينهون ٻڌل آهن: مريم نواز

0

ايبٽ آباد: (م ڊ )  مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته جنهن شخص جي هڪ صوبي ۾ 15 سال حڪومت رهي اهو شخص تعليم جو منشور پيش ڪري ۽ ان جي پنهنجي صوبي جي اسڪولن ۾ مينهون ٻڌل هجن ته اهو ڪهڙو منشور آهي؟ ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اسان گهڻي غور فڪر کان پوءِ پنهنجو منشور ٺاهيو آهي جنهن کي اڄ جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي ذريعي اسان عوام جي تڪليفن جو خاتمو ڪنداسين. منشور جيڪڏهن اهو شخص پيش ڪري جنهن جي هڪ صوبي ۾ 15 سال حڪومت رهي ۽ اهو تعليم جو منشور پيش ڪري جنهن جي صوبي ۾ اڄ به اسڪولن ۾ مينهون ٻڌل آهن ته اهو ڪهڙو منشور آهي. هن چيو ته هڪ ٻيو به ماڻهو آهي جنهن جي ڪي پي ڪي ۾ 10 سال حڪومت رهي جنهن جي منشور ۾ لکيل آهي گهڙي چور، پيٽرول بم به لکيل آهي جيڪي هن پوليس جي جوانن تي هلايا. عمران خان ٻين جي ٻارن جي هٿن ۾ هٿيار ۽ ڏنڊا ڏئي رياست تي حملا ڪرايا. شهيدن جون يادگارون تباهه ڪرايون. اڄ عمران خان جا ٻار لنڊن ۾ ويٺل آهن جڏهن ته ٻين جا ٻار جيلن ۾ پيل آهن. مريم نواز چيو ته نوازشريف اهڙو ڪوبه واعدو ناهي ڪيو جيڪو هن پورو نه ڪيو هجي. (ن) ليگ ته ماڻهن جي هٿن ۾ هٿيارن جي بجاءِ ليپ ٽاپ ڏنا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.