ڪراچي: (م ڊ ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مان کين ڪابه خير جي اميد ناهي، پيپلزپارٽي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ثابت ٿيندي. ڪراچيءَ ۾ پ پ اڳواڻ جاويد ناگوري، وقار مهدي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته جيڪي پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهي اهي سندن پراڻا ساٿي آهن، لياري مان شاهجهان بلوچ ن ليگ کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته شاهجهان بلوچ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي 2013ع کان 2018ع تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو، هن ڪجهه ناراضگي سبب ن ليگ ۾ شموليت ڪئي هئي، هو ن ليگ ڏکڻ جو نائب صدر هو، اڪبر يوسف زئي ۽ عابد سومري جا به ٿورائتا آهن جن پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو، ڪراچي ۾ پ پ جي ڪارڪردگي پهريان کان بهتر آهي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته فهميده مرزا 26 ڪروڙ رپين جي باقيدار آهي، خبر ناهي ڪهڙي بنياد تي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ثابت ٿيندي. هن چيو ته مريم نواز سنڌ ۾ 15 اميدوار ئي ٻڌائي، ن ليگ کي سنڌ ۾ اميدوار نه ملندا آهن، پ پ ڪجهه ڪيو آهي ته ماڻهو ووٽ ڏيندا، سياسي پارٽين ۾ ماڻهن جو شامل ٿيڻ يا ڇڏي وڃڻ هلندو آهي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سياسي سرگرمين ۾ سياسي ڪارڪنن ۾ جهيڙا الڳ معاملو آهي جيڪي جنهن آفيس تي حملو ڪري رهيا آهن سندن پارٽي کي روڪڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ چونڊ سرگرمين ۾ تيزي اچي وئي آهي، مخالف سياسي پارٽين کي يقين آهي ته پيپلز پارٽي کي اڪيلي نٿو هارائي سگهجي، اهي کين هارائڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اها ئي سندن ڪاميابي آهي. سعيد غني چيو ته فهميده مرزا 26 ڪروڙ جي بينڪ ڊيفالٽر آهي، جيڪڏهن 26 ڪروڙ جي باقيدار کي اجازت ڏني ويندي ته پوءِ بجلي جو بل جمع نه ڪرائڻ واري کي به اجازت ڏين.