پشاور: (م ڊ ) ضم ٿيل قبائلي ضلعي اتر وزيرستان ۾ پهريون ڀيرو عورت اميدوار عابده وزير عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 40 اتر وزيرستان مان عابده وزير آزاد اميدوار جي طور تي حصو وٺي رهي آهي. عابده وزير 5 ٻارن جي ماءُ، ايف اي پاس گهريلو عورت آهي جيڪا آزاد حيثيت سان چونڊن جي ميدان ۾ لٿي آهي. عابده وزير جي وڏي ڌيءَ ۽ هڪ پٽ ميڊيڪل جا شاگرد آهن جڏهن ته سندس مڙس نصر من الله بارن جو اسپيشل ڊاڪٽر آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي عابده وزير چيو ته تڪ اين اي 40 تان چونڊجي عورتن جي حقن، صحت مرڪز جي قيام تعليم ۽ امن جي لاءِ ڪم ڪندس. هن چيو ته علائقي ۾ عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن کان چڱي ريت واقف آهيان. ٻارڙين جو ديني تعليم ڏانهن ڌيان منهنجي چونڊ منشور جو حصو آهي.