My WordPress Blog

ڪراچي جي تقدير بدلائڻ لاءِ بيان ڏيڻ کان اڳ شهر ۾ گٽر جا ڍڪڻ لڳرايو: گورنر سنڌ جي بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد

0

ڪراچي: (م ڊ ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري پيپلزپارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ماڻهو تقدير بدلائڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر ڍڪ نٿا بدلائي سگهن. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري عباسي شهيد اسپتال جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن بلاول ڀٽو کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪراچي جي تقدير بدلائڻ لاءِ بيان ڏيڻ کان اڳ شهر ۾ سيوريج جا ڍڪڻ ته لڳرايو. هن چيو ته سياستدانن کي عوام سان کيڏڻ جي ڪا ضرورت ناهي.گورنر سنڌ چيو ته اليڪشن ڪميشن عباسي شهيد اسپتال جو 700 عملي طلب ڪيو آهي، عملي جي کوٽ سبب آپريشن بند ٿي ويا آهن، يو اين او اسپتال جي مٿئين حصي کي تعمير ڪري رهيو آهي، حڪومت ڪٿي آهي؟ اسپتال ۾ مريضن جي واش روم لاءِ به جاءِ ناهي. ڪامران ٽيسوري چيو ته ميئر کي درخواست آهي ته اسپتال ۾ ايمرجنسي ٺيڪ ڪرائي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.