My WordPress Blog

پرڏيهي عوامي دستاويزن لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم، اَپاسٽِل آرڊيننس جاري

0

اسلام آباد: (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو جنهن جو مقصد پرڏيهي عوامي دستاويزن لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي. آرڊيننس پاڪستان ۾ شهرين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ جاري ڪيو ويو، ان جو مقصد پرڏيهي عوامي دستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪنونشن تحت پاڪستان جي ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي. ڪنونشن تحت پرڏيهه ۾ عوامي دستاويزن جي استعمال لاءِ قانوني تصديق/منظوري ۾ ڇوٽ حاصل هوندي. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوشن سان پاڪستان جي الحاق جي منظوري ڏني هئي، اَپاسٽِل ڪنونشن مارچ 2023ع کان پاڪستان لاءِ لاڳو ٿيو هو. صدر پاران آرڊيننس وزيراعظم جي ايڊوائس تي آئين جي آرٽيڪل 89(1) تحت جاري ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.