My WordPress Blog

پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي وارو معاملو، حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

0

اسلام آباد: (م ڊ) پاڪستان، ڀارتي ايجنٽن طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ واري معاملي کي عالمي سطح تي اُٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت ملڻ تي حڪومت ان معاملي تي عالمي سطح تي اُٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت طئي ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي واري معاملي ۾ دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ هر سفارتي فورم استعمال ڪيو ويندو. ذريعن موجب، حڪومت، ڀارتي دهشتگردي واري معاملي تي پرڏيهي سفيرن کي ثبوت ڏيکارڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، کين تازي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ٻن ڀارتي شهرين اشڪوڪ ڪمار ۽ يوگيش ڪمار جي ملوث هجڻ بابت ثبوت سان گڏ بريفنگ ڏني ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.