My WordPress Blog

مخالف جتي به جلسا ڪري رهيا آهن، اتي نواز شريف جون رٿائون نظر اچي رهيون آهن: مريم نواز

0

بوري والا: (م ڊ ) مسلم ليگ نون جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سندن مخالف جتي به جلسا ڪري رهيا آهن، اتي نواز شريف جون رٿائون نظر اچي رهيون آهن.بوري والا ۾ عام چونڊن جي سلسلي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هتي نوجوانن جو وڏو انگ ڏسي گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، سڀني کي سلام پيش ڪريان ٿي، ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي جڏهن ڪنهن بيروزگار نوجوان کي مدد لاءِ واجهائيندي ڏسندا آهيون، اوهان شينهن کي ووٽ ڏيو نون ليگ ڪامياب ٿي ڏينهن رات اوهان جي خدمت ڪندي. هن چيو ته پوري ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو ليڊر آهي، جنهن کي عوام جي ڳڻتي آهي اِهو نواز شريف آهي. سندس چوڻ هوته ڏکڻ پنجاب کي چوڻ چاهيان ٿي ته نون ليگ اڪيلي جماعت آهي جنهن حقيقي معنيٰ ۾ هتان جي عوام جي دل سان خدمت ڪئي آهي، وڏا وڏا ماڻهو هتي آيا ۽ ڏکڻ پنجاب جي نالي تي بيوقوف بڻائي هليا ويا. هن چيو ته 2013ع ۽ 2017ع جي ڏکڻ پنجاب جي ڀيٽ ڪريو ۽ اڄ جي صورتحال ڏسو ته اوهان کي فرق نظر ايندو ۽ خبر پئجي ويندي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف هتي اوهان جي خدمت ڪئي آهي. مريم نواز چيو ته ملتان ۾ ميٽرو ٺهي، اهڙي طرح لاهور ۾ جيڪڏهن پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ ٺهيو ته ملتان ۾ به ڪڊني اسپتال ٺهي، طبي ادارا، زرعي يونيورسٽيون ٺاهيون ۽ هاڻ نواز شريف اعلان ڪيو آهي ته اوهان ماڻهن نو ليگ کي چونڊيو ته وهاڙي ۾ نوان تعيلمي ادارا قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته نون ليگ جو منشور سڀاڻي جاري ڪيو ويندو، اسان جو منشور بلڪل واضح آهي، هر شهري جي ترقي، هر ڳوٺ جي ترقي، هارين جي ترقي، اسان اسپتال، مفت دوائون، طبي سهولتون، مفت تعليم ۽ عام، تعليمي ادارن جو قيام، هر ضلعي ۾ دانش اسڪول ٺاهڻ، موٽري وي جو ڄار وڇائڻ، بجلي جي بلن کي گهٽائڻ، گئس فراهم ڪرڻ، ماني ۽ اٽو سسٽو ڪرڻ، ڀاڄيون، گوشت، داليون سستيون ڪرڻ، اِها اسان جي ذميوار آهي، اِهو ئي اسان جو منشور آهي. مريم نواز چيو ته اٺ فيبروي تي ڪو گهر ۾ نه ويهي پر نون ليگ جي شينهن واري چونڊ نشان تي ٺپو هڻي پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي، جيترا گهڻا ٺپا لڳندا، ايترو جلدي پاڪستان ترقي ڪندو، اِهو منهنجو واعدو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف پارٽيون پنجاب ۾ اچي ووٽ گهري رهيو آهن، پر جلسن ۾ ن ليگ ۽ نواز شريف تي تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ جتي به تنقيد ڪري رهيا آهن، اتي کين نواز ليگ جا ئي منصوبا نظر اچي رهيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.