My WordPress Blog

شھيد جان محمد مھر جي قتل واقعي کي 5 مھينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي پر افسوس اڃان تائين شھيد جا قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار نه ٿي سگھيا آھن: ايڇ يو جي اڳواڻ

0

حيدرآباد: (م ڊ ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي ملڪ ۽ سنڌ سميت حيدرآباد ۾ به حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران ايڇ يو جي جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، بک ھڙتال تي ويٺل صحافين شھيد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايڇ يو جي، جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي، منصور مري، ارشاد چنا، اعجاز لغاري، اشوڪ راماڻي ۽ چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قتل واقعي کي 5 مھينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي پر افسوس اڃان تائين شھيد جا قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار نه ٿي سگھيا آھن، نگران سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ پوليس ڪيترائي ڀيرا وعدا ڪرڻ باوجود قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي. ھنن چيو ته شھيد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ جا صحافي مسلسل 5 مھينن کان سراپا احتجاج بڻيل آھن پر افسوس حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آھن. ھنن چيو ته ھاڻ سڄي ملڪ سميت سنڌ جا صحافي جيل ڀريو تحريڪ جو آغاز ڪندا، جيڪڏھن پوليس شھيد جا قاتل گرفتار نه ٿي ڪري سگھي ته پوءِ اسان صحافين کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو وڃي. ھنن چيو ته گذريل 5 مھينن کان ھي تحريڪ مسلسل ھلي رھي آھي ۽ اھا ان وقت تائين جاري رھندي جيستائين شھيد جي خون سان انصاف نه ٿيندو. بک ھڙتالي ڪيمپ تي سينئر صحافي منير نارائي، غلام حسين خاصخيلي، نياز وگھيو، پير نظام جان سرھندي، ساجد علي خان، راجه انور چانڊيو، خادم چانڊيو، فرحان آفندي، فاضل چنا، عبدالرسول چانڊيو، نعيم شاهه، مختيار وڪو، اعجاز مگسي، شائسته سرهيو، جان علي لغاري ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود ھئا. ھوڏانھن ايڇ يو جي ٺٽو يونٽ پاران منصور جلالاڻي، اقبال جاکرو، شبير ڀٽي، اسماعيل ميمڻ، خدا بخش بروھي، ايڇ يو جي بدين يونٽ پاران تنوير آرائين، شوڪت ميمڻ، ھارون گوپانگ، شفيع جوڻيجو، ڌاٻيجي ۾ ايڇ يو جي مرڪزي نائب صدر مقصود جوکيو، ايڇ يو جي ٽنڊو محمد خان يونٽ پاران رمضان شورو، عبدالڪريم نظاماڻي، قادر شورو، بشير چشتي، ايڇ يو جي ٽنڊو الھيار يونٽ پاران غلام رسول نھڙيو، امان اللہ کوکر، ايڇ يو جي دادو يونٽ پاران ولي محمد لنڊ، گلڻ خان ڀنڊ ۽ سجاول ضلعي سميت ٻين شھرن ۾ قلم ڌڻين پاران شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.