My WordPress Blog

سينئر صحافي ۽ پي ايف يو جي ورڪرز جو صدر پرويز شوڪت لاڏاڻو ڪري ويو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) سينئر صحافي ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) ورڪرز جو صدر پرويز شوڪت لاڏاڻو ڪري ويو. وارثن پرويز شوڪت جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پرويز شوڪت راولپنڊي ۾ فوت ٿي ويو، مرحوم جي جنازي نماز اڄ شام 4 وڳي ڍوڪ رتا قبرستان ۾ ادا ڪئي ويندي. پرويز شوڪت مرحوم روزاني جنگ سان لاڳاپيل هو ۽ مرحوم 50 سالن تائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پرويز شوڪت جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پرويز شوڪت صحافين جو مضبوط آواز هو، پرويز شوڪت جون صحافتي ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.