ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ تعليمي نظام ۽ اسڪولن جي کوٽ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جسٽس صلاح الدين پنهور 113 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڏيو، سڄي سنڌ جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي رپورٽس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، جوڊيشل مئجسٽريٽس جي رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت استادن جي کوٽ، عمارتن ۽ فرنيچر نه هجڻ جي ڪري 2 هزار 6 سئو 40 اسڪول بند ڪري ڇڏيا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ 135 اسڪول بند پيل آهن، ڄامشوري ضلعي ۾ 109 اسڪول بند ڪيا ويا، جيڪب آباد ضلعي ۾ 162 اسڪول بند پيل آهن. رپورٽن ۾ چيو ويو ته ٽنڊو محمد خان ۾ 85 اسڪول بند پيل آهن جن ۾ 12 گرلز اسڪولن مان 6 مڪمل بند پيل آهن، دادو ۾ 45 اسڪول بند پيل، ميهڙ جا 21 اسڪول منشور نه ڪيا ويا، رپورٽس ۾ چيو ويو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ 304 اسڪول بند پيل، جڏهن ته اسڪولن جو جعلي رڪارڊ آهي، عمرڪوٽ ۾ 58 گرلز پرائمري اسڪول، سامارو ۾ 28 ۽ پٿورو ۾ 69 بوائز ۽ 39 گرلز اسڪول ختم ڪيا ويا آهن، شهيد بينظير آباد ۾ استادن جي کوٽ سبب 72 اسڪول بند پيل آهن، مٺي ۾ 181 اسڪول بند پيل آهن، تعلقي ڏيپلي ۾ 19 اسڪول جعلي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪلوئي ۾ 15 اسڪول عمارتون نه هجڻ جي ڪري فعال نه ٿي سگهيا، ٻه اسڪول جعلي آهن، ٺٽي ۾ 254 اسڪولز بند پيل آهن، ميرپور ساڪرو جا 90 اسڪول منظور نه ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ 109 اسڪول بند پيل آهن جن ۾ 28 گرلز اسڪول شامل آهن، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ 33 اسڪول بند، شڪار ضلعي ۾ 77 اسڪول بند آهن ،رپورٽن موجب شڪارپور ۽ خانپور تعلقي ۾ ٻن اسڪولن تي بااثر ماڻهن جو قبضو آهي، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 27 ۽ مٽياري ضلعي ۾ 121 اسڪول بند پيل آهن، گهوٽڪي ضلعي ۾ 182 اسڪول بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڏهرڪي ۾ 72 اسڪول منظور نه ڪيا ويا آهن، نوشهروفيروز ضلعي ۾ 161 اسڪول، قمبر شهداد ڪوٽ ۾ 185 اسڪول بند آهن، رپورٽس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته سانگهڙ ضلعي ۾ 438 اسڪول بند آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي جڊيشل مئجسٽريٽ پاران 19 ضلعن جي اسڪولن جو دورو ڪيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ 2 مهينن ۾ سمورا اسڪول کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.