My WordPress Blog

 اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو سياسي باب بند ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ جي سياست ۾ عمران خان لاءِ دروازا مڪمل طور بند ٿي چڪا آهن، اڳ عمران خان پاڻ چوندو رهيو ته سندس نالي تي ڪراس لڳي چڪو آهي پر تازو اسٽيبلشمينٽ سربراهن نالو وٺڻ بنا کليل لفظن ۾ اهو تاثر ڏنو آهي ته عمران خان جو هاڻي ڪو سياسي مستقبل نه آهي.نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم جي لاهور ۾ شاگردن ۽ استادن سان ملاقات ان بعد آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ اٽڪل اڍائي هزار شاگردن سان ملاقات غير معمولي سرگرميون آهن.آرمي چيف جتي خطاب ۾ ٻيون اهم ڳالهيون ڪيون اتي اها ڳالهه انتهائي اهم هئي ته ” جيڪڏهن ڪا حڪومت ملڪ وڪڻڻ يا ٽوڙڻ چاهي ته ڇا ان کي ايئن ڪرڻ جي اجازت ڏجي ۽ مدو پورو ڪرڻ ڏجي“ ظاهر اها ڳالهه اڻ سڌي طرح عمران خان حڪومت بابت آهي ڇو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو ۽ ملڪ ڏيوالو ٿيڻ طرف وڌڻ لڳو، جڏهن ملڪ ٽٽڻ جي ڳالهه به عمران خان ڪئي هئي. ان ڪري اها ڳالهه واضح آهي ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن شخص کي سياست ڪيئن ڪرڻ ڏني ويندي جنهن تي ملڪ ٽوڙڻ يا وڪڻڻ جو الزام هجي.اڳ مختلف ذريعن سان اهي ڳالهيون ٻاهر اينديون هيون ته عمران خان لاءِ سياست جا دربند ٿي چڪا آهن، پر هاڻي اسٽيبلشمينٽ سربراهن به اها ڳالهه واضح لفظن ۾ چئي ڇڏي آهي، ان ڪري هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته عمران خان جو هاڻي ڪو به سياسي مستقبل نه آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.