My WordPress Blog

واعدو ڪريان ٿي نوازشريف کي خدمت جو موقعو ڏيندو ته مهانگائي ختم ٿي ويندي: مريم نواز

0

ننڪانه صاحب:  (م ڊ ) مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مان واعدو ڪريان ٿي ته نوازشريف کي خدمت جو موقعو ڏيندو ته مهانگائي ختم ٿي ويندي. ننڪانه صاحب ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان پهريون ڀيرو آئي آهيان، رڪارڊ سيءَ ۾ به منهنجون  امڙون ۽ ڀينرون ويٺل آهن، ننڪانه صاحب جا ماڻهو مشڪل وقت کان نه ڊڄندا آهن. مريم نواز چيو ته نوازشريف جڏهن واعدا ڪري رهيو هو ته مان خوش ٿي رهي هئس، نوازشريف هن ننڪانه صاحب کي سجائيندو. ننڪانه فيصلو  ڏئِي ڇڏيو. شينهن کي ننڪانه ۾ فتح حاصل ٿيندي. مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر چيو ته ن ليگ جو مقابلو ڪنهن پارٽي يا فرد سان نه 120 روپيه ڪلو کنڊ سان آهي، اسان جو مقابلو بجلي جي وڏن بلن سان آهي، چيو وڃي ٿو ته نوازشريف لاڏلو آهي، ها آهي، پر عوام جو لاڏلو آهي. مريم نواز چيو ته هر ڀيري نوازشريف کي ڪڍي ڇڏيندا آهيو، نوازشريف کي ڪيترائي ڀيرا ڪڍيو ويو پر ننڪانه وارن ووٽ ڏئي واپس آندو، اسان جو مقابلو ڪنهن شخص سان نه، اسان جو مقابلو 20 روپين جي ماني سان آهي. هن چيو ته ڌرتي جو  ڪو سچو پٽ آهي ته اهو آهي نوازشريف، اوهان جا مسئلا ڏينهن  ۾ حل ڪنداسين، نوازشريف کي ايترا ووٽ  ڏجو جو  ڪنهن ٻئي جي مدد جي ضرورت نه پوي. مقابلي ۾ ڪير نظر اچي نه اچي شينهن تي ٺپو لڳائڻو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.