My WordPress Blog

حماد اظهر جي موجودگي تي پوليس جوڇاپو، ساٿين جي دانهن تي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب

0

اسلام آباد: (م ڊ ) ڪور ڪمانڊر هائوس حملي ڪيس ۾ اشتهار جوابدار قرار ڏنل پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر گرفتار ٿيڻ کان بچي ويو، پوليس طرفان هنيل ڇاپي ۾ سندس ساٿين دانهون شروع ڪري ڏنيون جنهن تي حماد اظهر فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. رپورٽ موجب 9 مئي تي جناح هائوس حملي ڪيس جي اهم اشتهاري تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر جي لاهور ۾ موجودگي جي اطلاع تي پوليس جعفريه ڪالوني ۾ ڇاپو هنيو پر حماد اظهر جي ساٿين پوليس کي ڏسي دانهون شروع ڪري ڏنيون جنهن تي پوليس پهچڻ تائين حماد اظهر فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب واقعي واري هنڌان حماد اظهر کي پناهه ڏيندڙ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار باقر ۽ ٻئي جوابدار حماد اظهر کي فرار ڪرايو جن جي خلاف شيرا ڪوٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.