پشاور: (م ڊ ) چونڊ نشان کان محروم تحريڪ انصاف جي لاءِ پارلياماني سياست جا دروازا بند ٿي ويا آهن. اليڪشن رولز 2017 جي رولز 94 موجب ايندڙ چونڊن ۾ آزاد اميدوار ڪاميابي جي صوت ۾ اهڙي سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي سگهندا جنهن کي اليڪشن ڪميشن چونڊ نشان جاري ڪيو آهي. رولز جي تحت تحريڪ انصاف جو آزاد اميدوار ڪاميابي جي صورت ۾ تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار نٿو ڪري سگهي. تحريڪ انصاف جي اڳوڻي وزير تيمور سليم جهگڙا به انهي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو آهي ته رولز جي حوالي سان خبر آهي. پر اسان متبادل آپشن تي غور ڪري رهيا آهيون. انٽرا پارٽي اليڪشن پارٽي آئين جي موجب نه ڪرڻ تي تحريڪ انصاف کان چونڊ نشان واپس ورتو ويو ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ تحريڪ انصاف چونڊ ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي. تحريڪ انصاف جا اميدوار آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. چونڊ ڊوڙ کان ٻاهر ٿيڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي لاءِ پارلياماني سياست جا دروازا به بند ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان اليڪشن رولز 2017 جي سيڪشن 94 جي موجب آزاد اميدوار 3 ڏينهن ۾ سياسي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو. ساڳئي رولز 94 ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي. سياسي پارٽي جو مطلب جنهن کي اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊ نشان جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي هڪ اعليٰ آفيسر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اليڪشن رولز جي موجب آزاد اميدوار اهڙي سياسي پارٽي ۾ شموليت ڪندو جنهن کي اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊ نشان جاري ڪيو ويو هجي، جڏهن ته تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان جاري نه ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن سان به رابطن جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن سان رابطو ڪرڻ باوجود ڪوبه جواب نه ملي سگهيو. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار کٽڻ جي صورت ۾ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ حلف به کنيا آهن ان حوالي سان اڳوڻي صوبائي وزير ۽ آزاد اميدوار تيمور سليم جهگڙا سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته جيڪو آئين چوي ٿو ۽ رولز ۾ آهي ان جي خلاف اسان نٿا وڃي سگهون. پارٽي جي علم ۾ اها ڳالهه آهي، اسان مختلف آپشن تي غور ڪري رهيا آهيون. اسان عدالت سان به رابطو ڪري سگهون ٿا ۽ تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊن تي به غور ڪري رهي آهي.