My WordPress Blog

بلاول تهذيب ۾ رهي ڳالهائي، کيس جواب نه ڏيڻ پارٽي جي پاليسي آهي: مريم اورنگزيب

0

لاهور: (م ڊ ) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تهذيب ۾ رهي ڳالهائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته بلاول ڀٽو جي زبان تي ڏک پهتو آهي، هو اسان سان گڏ پرڏيهي وزير رهيو کيس ڪارڪردگي جي بنياد تي ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته بلاول نئون پنجاب ۾ آيو آهي، هن پنجاب ۾(ن) ليگ جا پروجيڪٽ ناهن ڏٺا. (ن) ليگ جو مقابلو اليڪشن ڪميشن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙن سان آهي. اسان جو مقابلو سياسي پارٽين سان گڏوگڏ مهانگائي سان آهي. بلاول ڀٽو ڪهڙو اهڙو منصوبو سنڌ مان آڻي رهيو آهي جيڪو سنڌ ۾ هن لڳايو هجي ۽ اهو پنجاب ۾ نه هجي. ليگي ترجمان چيو ته نواز شريف عوام کي ريليف ڏيندو. بلاول ڀٽو کي گهرجي ته هو تهذيب ۾ رهي ڳالهائي. پي ٽي آءِ باني گارين جي سياست شروع ڪري ڇڏي آهي. عوام کي سستي ماني ۽ سستيون شيون گهرجن بلاول ڀٽو عوامي مسئلن تي ڳالهائي. اوهان احمد پور شرقيه ۽ مانسهره جا جلسا ڏٺا اهو آهي عوام جو ڀروسو. عوام 8 فيبروري تي انشاءَالله شينهن کي ووٽ ڏيندو. نوازشريف ئي ملڪ کي مهانگائي مان ڪڍندو. اٽو، گيهه، کنڊ ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون سستيون ٿينديون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.