اسلام آباد: (م ڊ ) نگران وفاقي ڪابينه عام چونڊن ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته وفاقي گهرو وزارت عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي فراهمي لاءِ پاڪ فوج جي خدمتن جي حوالي سان سمري ڪابينه کي موڪلي هئي. ڪابينه گهرو وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي، ان تحت ٻه لک 77 هزار پاڪ فوج جا آفيسر ۽ اهلڪار چونڊن ۾ مقرر هوندا، گڏوگڏ رينجرز ۽ ايف سي اهلڪار به عام چونڊن ۾ مقرر هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فوج ۽ سول آرمڊ فورسز حساس تڪن ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور فرض انجام ڏينديون.