My WordPress Blog

ٽنڊو مستي لڳ ڪولاب جيئل ۾ پي ايس 31  ڪينگري ، جي ڊي اي اڳواڻ آصف ابڙو، پاران ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

0

ٽنڊومستي (رپورٽ عبدالقدير چانڊيو )ٽنڊو مستي لڳ ڪولاب جيئل ۾ پي ايس 31  ڪينگري ، جي ڊي اي اڳواڻ آصف ابڙو، پاران ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جيڪا ڪجھ گھڙين ۾ جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي جتي مختلف برادرين جي نيڪ مردن پ پ پ کي ڇڏي پير محمد راشد شاهه راشدي جي هٿ  جي ڊي اي ۾ شموليت اختيار ڪئي ڇڏي ان موقعي تي ڪولاب جيئل اندر جي ڊي اي پاران پنهنجو پاور شو پيش ڪيو سوين ماڻهو پنڊال ۾ پهچي ويا ان موقعي تي پي ايس 31 ڪينگري جي اميدوار سيد محمد راشد راشدي  ورڪرن کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 15 سالن کان وٺي مخصوص هڪ چورن جو ٽولو سنڌ مٿان حڪومت ڪري رهيو آهي جن سدائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي تي سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائي عوام جي ووٽن تي اقتدار حاصل ڪري سنڌ جي وسيلن جا سودا ڪرڻ سان گڏ ڪرپشن جي بازار گرم ڪري مال ميڙيو آهي جنهن جو ثبوت اهو آهي ته  حڪمران جماعت جي جن ليڊرن جا وڏڙا گڏهن تي گهمندا هئا انهن خاندان جا ننڍا هاڻي عرب پتي بڻجي ڪروڙين رپين جي گاڏين جي قطارون لڳائي اوهان وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن انهن جي ڪرپشن جي بازار گرم هجڻ ڪري سنڌ جا روڊ رستا اجڙيل اسڪول تباھ بجليءَ جو نظام درهم برهم هجڻ ڪري هر طرف اونداهي ڇانيل آهي اسپتالن ۾ غريب دوائن لاءِ تڙپي تڙپي فوت ٿي رهيا آهن اگر ملڪ اندر اسلامي قانون لاڳو هجي ها ۽ فيصلا شريعت موجب ٿين ها ته ان حڪمران جماعت جي ٽولي جا چوري جي الزام هيٺ هٿ ڪٽيل هجن ها ايتري قانون جي لتاڙ ڪئي وئي آهي جو ڪراچي جيڪا سنڌ جو تاج آهي حڪمرانن جي نااهلي سبب افغاني پٺاڻ افغانستان جو جهنڊو ڦلڪائي رهيا آهن جن کي پيپلزپارٽي پاران رشوت وٺڻ بعد کين سنڌ جون زمينون ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن اسان جيڪڏهن  سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي افغانستان ۾ پاڪستان جو جهنڊو انهن کي ڏيکاريون ته پو۽ ڏسو اتان جي حڪومت اسان جو ڇا حشر ٿي ڪري اهو سڀ ڪجھ ان ڪري پيو ٿئي جو سنڌ جو عوام غيرت مند آهي ڪنهن جو ٿورو وساريندو ناهي  هو سوچين ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جيڪا عوام جي خدمت ڪئي ۽ انهن جي حقن لاءِ جدوجهد تحت جان جي قرباني ڏني جنهن جو فائدو هي ٺڳ وٺي رهيا اصل حقيقت هيءَ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جا اصل وارث جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو رلندو ٿو وتي ۽ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي جيڪي ڀٽو جا اصل وارث آهن هي جيڪي شهدن جي نالي تي اوهان وٽ ووٽ وٺڻ اچن ٿا انهن سنڌ کي ڪرپشن جي ور چاڙهي سو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي اوهان انهن کان صرف هڪ ڳالهه ضرور پڇي وٺو ته بابا شهيدن جي نالي ووٽ ڏينداسين پر اهو ٻڌايو ته پارٽي جي لاءِ ڀٽو خاندان کان سواءِ اوهان جا گهڻا وڏا شهيد ٿيل آهن ته پوءِ انهن وٽ ڪو به جواب نه هوندو هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي ڪارڪردگي مان اوهان مطمئن ناهيو ته اسان جي اميدوارن کي ووٽ بلڪل نه ڏيو پر انهن سنڌ جي سوداگرن کي ووٽ ڏيڻ بدران پنهنجي گهرن ۾ ويهي رهيو پر ڪنهن ظالم کي ووٽ ڏئي اقتدار انهن حوالي نه ڪيو ته بهتر آهي تنهن ڪري پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪيو هاڻي اسان کي اها حڪومت کپي جيڪا ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري ۽ ملڪ ۽ قوم جو ميار بلند ڪري ڪرپشن کان پاڪ هجي اميد آهي ته هاڻي سنڌ جو غيرت مند عوام پنهنجو پلاند انهن چورن کان ووٽ ذريعي وٺندا ان موقعي تي تعلقه ڪينگري جي ڊي اي جا اڳواڻ. رئيس فاروق احمد چانڊيو، ميان وزير احمد پيرزادو، شاھ بخش چانڊيو ۽ ٻيا ورڪر ۽ عهديدار ساڻس گڏ هئا

Leave A Reply

Your email address will not be published.