My WordPress Blog

قاسم سوري ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو، ڇو نه سندس خلاف سنگين غداري جي ڪارروائي ڪئي وڃي: چيف جسٽس

0

اسلام آباد: (م ڊ ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي نااهلي واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته قاسم سوري تحريڪ عدم اعتماد پيش نه ٿيڻ نه ڏني. هو ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو ان ڪري ڇو نه سندس خلاف سنگين غداري جي ڪارروائي ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي نااهلي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ قاسم سوري طرفان نعيم بخاري دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته منهنجي نظر ۾ ته قاسم سوري جي نااهلي ۽ ان جي تڪ ۾ ٻيهر چونڊن جو معاملو هاڻ غير موثر ٿي چڪو آهي. ان تي لشڪري رئيساڻي جي وڪيل چيو ته قاسم سوري غير قانوني طور تي عهدي تي ويٺل رهيو. هن اسٽي تي عهدي جا مزا ماڻيا هن کان مراعتون ۽ فائدا واپس وٺڻ گهرجن. چيف جسٽس نعيم بخاري کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان ان ڳالهه تي متفق آهيو؟ جيڪڏهن اوهان اتفاق ڪريو ٿا ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهندو. نعيم بخاري جواب ڏنو ته اليڪشن ٽربيونل چيو هو ته قاسم سوري ڪابه ڪرپٽ پريڪٽس نه ڪئي آهي. چيف جسٽس نعيم بخاري کان سوال ڪيو ته قاسم سوري استعيفيٰ ڪڏهن ڏنو؟ جنهن تي نعيم بخاري چيو ته قاسم سوري 16 اپريل 2022 تي استعيفيٰ ڏنو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته جڏهن اوهان اسيمبلي ٽوڙي تڏهن به اسٽي تي هئا نه؟ قاسم سوري غيرقانوني طور تي اسيمبلي ٽوڙي. قاسم سوري لاءِ 5 رڪني بينچ جي فيصلي ۾ آرٽيڪل 6 جي تحت سنگين غداري جي ڪارروائي جي تجويز ڪئي وئي. ڇو نه قاسم سوري جي خلاف سنگين غداري جي ڪارروائي ڪئي وڃي جنهن به آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ان کي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ جي اندر جيڪي هٿ داخل ٿيا آهن ته ڪهڙا ڪيس مقرر ڪرڻا آهن ۽ ڪهڙا روڪڻا آهن اهو سلسلو هاڻ ختم ٿيندو. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسز جي مقرري ۾ هيرا ڦيري  ٿيندي رهي ته پراڻا معاملا به صحيح ڪنداسين. هاڻ وڌيڪ سپريم ڪورٽ ۾ اهڙيون ڪارروايون برداشت نه ڪيون وينديون. سپريم ڪورٽ جي تباهي منهنجي، اوهان جي ۽ عوام جي تباهي آهي هي صرف منهنجو ادارو نه آهي. نعيم بخاري چيف جسٽس کي چيو ته اوهان مون کان ناراض ٿي رهيا آهيو يا سسٽم کان؟ چيف جسٽس جواب ڏنو ته اسان قبول  ڪريون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي اندران هيرا ڦيري ٿيندي رهي، قاسم سوري به غلطي کي مڃي. سسٽم کان ناراض آهيان اوهان کان نه ۽ اهو قبول ڪريان ٿو ته هيرا ڦيري ٿيندي آهي، اوهان به اها ڳالهه مڃو ته اوهان به هيرا ڦيري ڪندا رهيا آهيو. ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اچي ويندي آهي ته ڪڏهن وري ڪو ٻيو اهو سلسلو هاڻ نه هلندو. چيف جسٽس چيو ته قاسم سوري بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ نه ڏني. ان جو اهڙو قدم سپريم ڪورٽ جي 5 ججز غلط قرار ڏنو. قاسم سوري ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو. ان تي ڇو نه آئين جي ڀڃڪڙي جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته قاسم سوري کي طلب ڪري آئيني ڀڃڪڙي جو پڇنداسين. جنهن کان پوءِ عدالت قاسم سوري ۽ لشڪري رئيساڻي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ۽ قاسم سوري جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ تي اسٽي برقرار رهڻ تي رجسٽرار کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت 3 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.