My WordPress Blog

عمران خان توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت جون درخواستون داخل ڪري ڇڏيون

0

اسلام آباد: (م ڊ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيسز ۾ ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ٻنهي ڪيسز ۾ ضمانت جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي ۽ ٻنهي ڪيسن ۾ ضمانت جي لاءِ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون ويون آهن. درخواست ۾ قومي احتساب بيورو(نيب)، ڊي جي نيب، جاچ آفيسر کي ڌر بنائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪيس جو ٽرائيل مڪمل ٿيڻ تائين ۽ حتمي فيصلي تائين ضمانت منظور ڪئي وڃي. پي ٽي آءِ باني چيئرمين طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي مٿان ٺاهيل ڪيس سياسي انتقام ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن. اڳوڻي نيب چيئرمين آفتاب سلطان دٻاءُ جي باوجود سياسي نوعيت جا ڪيسز ٺاهڻ کان انڪار ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.