شھدادڪوٽ ڊپٽي ڪمشنر سجاد حيدر قادري جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ 2022ع جي مھا ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن 5 ڄڻن جي وارثن کي چيڪ ڏنا
شھدادڪوٽ (بابو رسول بخش کوسو ) شھدادڪوٽ ڊپٽي ڪمشنر ضلع قمبر شهدادڪوٽ سجاد حيدر قادري جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ 2022ع جي مھا ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن 5 ڄڻن جي وارثن کي چيڪ ورھائڻ واري تقريب ڊي سي آفيس قمبر ٿي گذري. جنهن ۾ پروينشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي( PDMA) ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( NDMA) جي تعاون سان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي مھا ٻوڏ دوران وفات ٿيل پنجن (5 ) خاندانن ۾ ڏھ ڏھ لکن روپين جا امدادي چيڪ ورھايا ويا. جنهن ۾ محمد يونس تعلقو شھدادڪوٽ، محمود مھيسر ۽ ريما خاتون تعلقو سجاول جوڻيجو، ضمير حسين تعلقا وارھ ۽ محمد خان تعلقو نصير آباد شامل آهن. ان موقعي تي ستن ئي تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار پڻ موجود هئا. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر قمبر سجاد حيدر قادري فوت ٿيندڙن جي بلند درجات ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جي به دعا پڻ گھري .