شاهپورچاڪر پيپلزپارٽي پاران اين اي 2010 جي اميدوار علاوالدين جوڻيجو ۽ پي ايس 44 جي شاهد عبدالسلام ٿهيم اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪري جلسو ڪوٺايو
شاهپورچاڪر( رپورٽرگلزارملاح) شاهپورچاڪر پيپلزپارٽي پاران اين اي 2010 جي اميدوار علاوالدين جوڻيجو ۽ پي ايس 44 جي شاهد عبدالسلام ٿهيم شاهپورچاڪر جي رند هائوس تي اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪري جلسو ڪوٺايو ويو،جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراه ، امير بخش عمراڻي ،حقير رند،چيئرمين گل محمد ڏاهري،پ پ ليڊيز ونگ ضلع سانگهڙ جي جنرل سيڪريٽري ريحانہ چانڊيو،رضيہ ڌامراه ،شيلا بلوچ،غلام مصطفيٰ ملاح،وائس چيئرمين سالم شير رند سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جو سج اڀرندو.شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي جون قربانيون تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيون وينديون.پ پ پ ڪنڌ جهڪائڻ وارن جي نه پر ڪنڌ ڪپائي سرخرو ٿيڻ وارن جي پارٽي آهي هنن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن غريبن جي روح جو راڻو سياست جي آسمان جو سدا روشن ۽ چمڪندڙ ستارو آھي هو اسانجي سوچن خيالن جذبن امنگن ۾ سمايل آھي هو هن خطي جي مظلوم ۽ محڪوم عوام جي تقدير تبديل ڪرڻ جو گس ڏسي رهيو آھي بلاول ڀٽو زرداري اسانجي شھيد قائد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي سياسي نظرياتي ۽ فڪري نشاني آھي جنهن جي ريٽي رت کي اسان ڪڏھن به نٿا وساري سگهون.اسانجو گس ڀٽو ازم آھي ۽ ڀٽو ازم ئي غريبن جي مسئلن جو حل ۽ راه نجات آھي ڀٽو ازم هڪ سوچ فڪر نظرئي جدوجهد قرباني حق سچ جو نالو آھي ۽ ڀٽو ازم جو نالو ۽ نعرو جمهوريت جي دشمنن جون ننڊون ۽ آرام لا۽ ڪافي آھي ۽ ڀٽو ازم جو نالو ۽ نعرو پورهيتن مظلومن جي ساه جو سهارو ۽ جياپي جيان آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آھي جو لکين عوام ڀٽو ازم جا سياسي پوئلڳ آھن. 8 فيبروري تي عوام جي ووٽ سان سموري ملڪ مان پيپلزپارٽي ڪامياب ٿيندي ۽ بلاول ڀٽو ملڪ جو وزيراعظم ٿينديون،ان موقعي تي دريا خان عمراڻي ، محمد ابراهيم رند،ڊاڪٽر عبدالقادر ڏاهري،عبدالرشيد سمورو موجود هئا