حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پي ايس 67 تي قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ ثمر جتوئي سان گڏ اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ يونين ڪائونسل مويا ۽ سعيد خان لنڊ جي مختلف ڳوٺن شهرن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري عوام کي ووٽ جي اپيل ڪئي. ان موقعي خطاب ڪندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته شاهوڪار سنڌ جا ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن سڄي سنڌ جيان ٽنڊو محمد خان به بنيادي سهولتن کان محروم آهي نه روڊ رستا ٺهيل آهن نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي نه اسپتالون آهن عوام بي يارو مددگار آهي، هتان جيڪي نمائنده چونڊيا ويا آهن انهن صرف پنهنجا بنگلا ۽ بئنڪ بيلنس ٺاهيو آهي،عوام جي تقدير ناهي بدلائي، انڪري هاڻي عوام کي پنهنجي حقيقي عوام دوست ۽ سنڌ دوست نمائندن کي چونڊڻ گهرجي، تڪ جي عوام جي ڏنل محبتن ووٽ سان 8 فيبروري تي مخالفن کي شڪست ڏينداسين. اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ جي ڪرپٽ نمائيندن سدائين سنڌ جو وڪرو ڪيو آهي هنن سنڌ جي ماڻهن کي ووٽ جي منڊي سمجهيو ان ڪري سنڌ جي آواز کي ايوانن ۾ پهچايو. هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي ٻيڙي جي نشان تي ٺپو هڻي ڊاڪٽر قادر مگسي کي ڪامياب ڪريو ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪاميابي سنڌ جي ڪاميابي آهي. سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ ثمر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جو سچو آواز آهي انهي ڪري اسان سندس مدد لاءِ آيا آهيون کيس ڪامياب ڪري ڪرپٽ ماڻهن مان جان ڇڏايو ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي ، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر احمد نوناري ، اقبال حاجاڻو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.