My WordPress Blog

پاڪ افغان سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا

0

راولپنڊي: (م ڊ ) زوب ضلعي ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب 22 جنوري تي پاڪستان افغان سرحد ويجهو ضلعي زوب جي سمبازه سيڪٽر ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀرپور ڪارروائي ڪندي فرار ٿيندڙ دهشتگردن جو گهيرو ڪري ورتو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ئي دهستگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جي سرگرمين سان گڏ معصوم شهرين جي قتل ۾ به ملوث هئا. مارجي ويل دهشتگرد کان هٿيار، بارودي مواد ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.