My WordPress Blog

پاڪستاني فضائي حملي دوران ايران ۾ مارجي ويل بي ايل ايف دهشتگردن جا تفصيل سامهون اچي ويا

0

اسلام آباد: (م ڊ ) ايران ۾ بي ايل ايف جي ٺڪاڻن تي پاڪستاني اسٽرائيڪ ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا آهن. مارجي ويل دهشتگرد دوسته عرف چيئرمين ضلعي پنجگور جو رهواسي هو جنهن 2013 ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ بي ايل ايف جي ڪمانڊر فضل شير عارف طاهر گروپ جو ميمبر هو. دوسته  زامران سيڪٽر ۾ منشيات فروشي، ڦر مار ۾ ملوث هجڻ سان گڏوگڏ پروم سيڪٽر ۾ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي خلاف ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث رهيو. دوسته 20 سيپٽمبر 2019 تي پروم ۾ اسڪول ۽ ايف سي پوسٽ تي حملي ۾ ملوث رهيو. 23 مئي 2019 تي پروم جي علائقي ۾ ايف سي جي پوسٽ تي حملي جو حصو رهيو. 04 سيپٽمبر 2022 تي يوسف پوسٽ تي ٿيندڙ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ به ملوث هو. ان سان گڏوگڏ اهو 19 جنوري 2023 تي اخلاق عرف شوڪت ولد ڪلري گچيڪ جي اغوا ۾ ملوث هو. جنهن کي 2 مارچ 2023 تي بالگتر جي علائقي ۾ قتل ڪيو ويو. انهي گذريل سال 12 اپريل 2023 تي ايف سي جي قافلي کي به نشانو بنايو هو. مارجي ويل دهشتگردن ۾ اصغر عرف بشام جو پٽ سرور به شامل آهي جيڪو ضلعي پنجگور جو رهواسي هو. 8 جون 2021 تي اصغر عرف بشام جو پٽ به سرور به شامل آهي جيڪو ضلعي پنجگور جو رهواسي هو. 8 جون 2021 تي اصغر عرف بشام فرنٽيئر ڪور جي پيٽرول پارٽي تي گاواش چڪر بازار جڏهن ته 20 جولاءِ 2021 تي ضلعي پنجگور ۾ فرنٽيئر ڪور جي پيٽرول پارٽي کي فائرنگ جو نشانو بنايو. انهي فيبروري 2023 ۾ پنجگور جي بس اسٽينڊ تي فائرنگ ڪري محمد انصر کي شهيد ڪيو. 21 نومبر 2023 تي ان جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو. مارجي ويل دهشتگرد محمد وزير عرف وازو شروعاتي طور تي 14-2013 ۾ بلوچ ريپبلڪن آرمي ۾ جڏهن ته 2019 ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي. دهشتگرد محمد وزير عرف وازو بي ايل ايف جي دهشتگرد عابد عرف چاڪر جو ڀاءُ هو. اهو پروم ۽ گوارگو، ضلعي پنجگور ۾ ڪيترين ئي دهشتگردي جي سرگرمين جو حصو هو. انهي 14 سيپٽمبر 2020 تي پنجگور جي احمد الله ولد بشير ۽ عامر ولد محمد حنيف کي ٽارگيٽيڊ حملي ۾ نشانو بنائي شهيد ڪري ڇڏيو. وازو 4 مارچ 2023 تي ناڪه  پوسٽ پل تي گرينيڊ حملو ڪيو. جڏهن ته 01 مئي 2023 تي ڪسٽم آفيس ايريا جي ويجهو ايف سي ڪانواءِ کي بارودي سرنگ جو نشانو بنايو. مارجي ويل دهشتگرد بجر عرف سوغات 2016 کان بي ايل ايف جو حصو هو جيڪو پروم سيڪٽر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث هو. بجر 7 مارچ 2023 تي نذير ولد بهرام کي سندس رهائشگاهه تان اغوا ڪيو جنهن کان 8 اپريل 2023 تي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. 4 مارچ 2023 تي ناڪه پوسٽ پل تي گرينيڊ حملي جڏهن ته 01 مئي 2023 تي ڪسٽم آفيس ايريا جي ويجهو ايف سي ڪانواءِ کي بارودي سرنگ جو نشانو بنائڻ ۾ بجر شامل هو. مارجي ويل دهشتگردن ۾ ساحل لنگ عرف شفق به شامل هو. جيڪو معصوم پاڪستانين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي خلاف ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث رهيو. ساحل لنگ دهشتگرد بلبل جو ڀاءُ هو ۽ مارگٽ ۽ برنائي جي علائقي ۾ ڀتو وٺڻ ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.