لاهور ( م ڊ ) نوازشريف کي ڳجهن ادارن چونڊ مهم جي جلسن ۾ وڃڻ کان روڪيو آهي. نامياري تجزئي نگار عبدالله طارق جوچوڻ آهي ته پيپلز پارٽي چونڊ مهم جي حوالي سان انتهائي سرگرم آهي ، جڏهن ته ( ن ) ليگ خاص طور نوازشريف اڃان تائين بلاول ڀٽو جيان سرگرم نه آهي، ان حوالي سان اطلاع اچي رهيا هئا ته نوازشريف جي طبيعت خراب آهي خاص طور ڳلو انتهائي خراب آهي ان ڪري هو جلسن ۾ نه ٿو وڃي پر تازا اطلاع اهي آهن ته نوازشريف کي سيڪيورٽي خدشا آهن ان ڪري کيس ڳجهن ادارن جلسن ۾ وڃڻ کان منع ڪئي آهي. ان جي تصديق نامياري صحافي حامد مير به ڪئي آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته نوازشريف کي سنگين سيڪيورٽي خدشا آهن. صحافي عبدالله طارق سهيل جو چوڻ آهي ته طالبان نواز شريف کي نشانو بڻائڻ جي رٿا بندي ڪري ڇڏي آهي جنهن بابت ڳجهن ادارن کي به رپورٽون آهن ، ان ڪري (ن ) ليگ چونڊ سرگرمي موثر نموني شروع ڪري نه سگهي آهي . ليه وارو جلسو ملتوي ڪرڻ جو سبب به سيڪيورٽي خدشا ٻڌايو وڃي ٿو