My WordPress Blog

ظالمن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، ٻيهر تعمير ڪرڻي پوندي: نواز شريف

0

مانسهرا: (م ڊ ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته بگاڙيندڙ بگاڙي هليا ويا، پاڪستان کي ٻيهڙ پٽڙيءَ تي آڻن ڏکيو ڪم هوندو. مانسهرا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ۽ سستي بجلي فراهم ڪئي، ماڻهن کي روزگار ڏنو، گئس سستي ڪئي، اسان جي حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته ايندڙ حڪومت به اسان جي هجي ها. هن چيو ته اسان جي دور ۾ مهانگائي نه هئي، هنن ظالمن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اڄ اسان دنيا ۾ تمام گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون، ماڻهن ترقي ڪندڙ پاڪستان ڇڏي ويو هيس، بگاڙيندڙ بگاڙي هليا ويا، پاڪستان کي ٻيهر پٽڙيءَ تي آڻڻ سولو ڪم ناهي، ملڪ جي ٻيهر تعمير ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته توهان کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي پر ملڪي حالتون ڏسي خوشي نه پئي ٿئي، هاڻ خيبر پختونخواهه کي سنوارڻ جو وقت اچي ويو آهي، مانسهرا ۾ ايئرپورٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليج ٺاهينداسين.

Leave A Reply

Your email address will not be published.