پشاور: (م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جا اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڏيڻ جي بدلي عوام ۾جنت جا ٽڪيٽ ورهائڻ لڳا. ملڪ ۾ عام چونڊن 2024 جي سلسلي ۾ سياسي پارٽين طرفان چونڊ مهم عروج تي پهتل آهي، جنهن ۾ اميدوار ۽ پارٽي اڳواڻ عوام کان ووٽ وٺڻ جي لاءِ مختلف قسمن جا دعويٰ ڪري رهيا آهن ۽ مخالفن تي تنقيد جا تير وسائي رهيا آهن. مسلم ليگ(ن) طرفان چونڊ مهم جي دوران ماضي جي منصوبن کي ياد ڏياري مستقبل ۾ عوام کي ترقي جا خواب ڏيکاريا پيا وڃن. اهڙي طرح پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اقتدار ملڻ تي 10 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جو اعلان ڪري عوام کي 300 يونٽن تائين بجلي مفت ڏيڻ سان گڏ وڌيڪ سهوليتن جو واعدو ڪيو آهي. مختلف سياسي پارٽين طرفان عوام سان چونڊ مهم دوران نوان نوان واعدا ۽ مستقبل جي دعوائن جو سلسلو جاري آهي. ان دوران سماجي رابطن جي پليٽ فارمز تي هڪ وڊيو به تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ جي يو آءِ جي هڪ اڳواڻ کي عوامي جلسي جي دوران مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڏيڻ تي جنت جي بشارت ڏيڻ جا واعدا ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو. سوشل ميڊيا تي پکڙجندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ مقرر جي يو آءِ جي سياسي مهم کي خطاب ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ هن چيو ته ڪجهه ماڻهو جنت جون ٽڪيٽون ورهائي رهيا آهن. اوهان کي ڪهڙي خبر ته مولانا فضل الرحمان ڇا آهي. رب جي قسم کائي چوان ٿو ته مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڏيڻ جنت جي دليل آهي. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ٿيڻ کان پوءِ صارفين ۽ مخالف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن طرفان تبصرا ۽ تنقيد ڪئي پئي وڃي.