اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن سرگودها مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 83 ۽ اين اي 85 ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جا ريٽرننگ آفيسر(آر او) جا نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته آزاد اميدوار صادق علي 15 جنوري تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي ان ڪري ٻنهي تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. چونڊن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ محسن شاهنواز رانجها آر او جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ اپيل داخل ڪئي هئي جنهن ۾ هن چيو هو ته آزاد اميدوار صادق علي جو لاڏاڻو 2 جنوري تي ٿيو ۽ ان جي جنازي نماز 3 جنوري تي پڙهائي وئي. ان جي لاڏاڻي جي 15 جنوري جي خبر ۾ ڪابه سچائي نه آهي. صادق علي جي لاڏاڻي جي هٿ ٺوڪئي خبر چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش آهي. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جي درخواست ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر(ڊي آر او) ريٽرننگ آفيسر، مسجد جي امام، چوڪيدار ۽ پٽواري کي به نوٽيس جاري ڪيو هو. اين اي 83 ۽ اين اي 85 سرگودها ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اڄ ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ڪميشن شاهدين جي روشني ۾ اين اي 83 ۽ اين اي 85 سرگودها ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جا آر او جا نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيا. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته ٻنهي تڪن ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون. چونڊ عمل کي جاري رکيو وڃي.