اسلام آباد: (م ڊ ) افغانستان ۾ تباهه ٿيل جهاز ڀارت کان تاشقند ويندي 45 منٽن تائين پاڪستاني فضائي حدن ۾ رهيو. سول ايوي ايشن ذريعن موجب مراڪش جو رجسٽريشن نمبر CN-TKN ايف اي 10(ڊسالٽ فالڪن 10) جهاز 50 سال پراڻو هو جيڪو نجي ۽ چارٽرڊ اڏام جي لاءِ ٿائيلينڊ جي ريونگ پنايا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان مقامي وقت موجب آچر جي رات هڪ لڳي 20 منٽن تي روس جي لاءِ روانو ٿيو. جهاز ميانمار کان ٿيندو مقامي وقت موجب رات جو اڍائي ڳي ڪوالڪته ويجهو ڀارت ۾ داخل ٿيو. لکهنو ۽ چندي ڳڙهه کان ٿيندي مقامي وقت موجب ڇنڇر جي صبح 5 لڳي 50 منٽن تي لاهور ويجهو جهاز پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو. جهاز ان وقت 37925 فٽ جي بلندي تي 570 ڪلو ميٽر جي رفتار سان سفر ڪري رهيو هو. پهاليه منڊي بهاءُالدين ۽ اسلام آباد کان ٿيندي بدقسمت جهاز پشاور جي ويجهو صبح جو لڳ ڀڳ 6 لڳي 35 منٽن تي افغانستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو. ايوي ايشن جي ذريعن موجب ان وقت تائين جهاز معمول جي 36150 فٽ جي بلندي ۽ 570 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تي هو. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته جهاز افغانستان ۾ وڌيڪ 30 منٽن تائين سفر ڪيو ۽ مقامي وقت موجب صبح 6 لڳي 30 منٽن تي جهاز افغانستان جي اتر، اوڀر بخدشان صوبي جي جابلو سلسلي ۾ حادثي جو شڪار ٿيو. ٻن انجڻن وارو اهو جهاز فرانس جي ڊسالٽ 1978 ۾ ٺاهيو هو ۽ ان جي ملڪيت ايتهليٽڪ گروپ نالي ڪمپني ۽ ڪنهن هڪ شهري وٽ هئي. سي اي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان صوبي بدخشان ۾ ڪرندڙ روسي ايمبولينس جهاز پاڪستاني حدون به استعمال ڪيون پر پائيلٽ ڪنهن به قسم جي ايمرجنسي کان آگاهه نه ڪيو. ٻئي طرف افغانستان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت موجب حادثي ۾ پائليٽ سميت 4 مسافر زنده بچي ويا. 2 گم ٿيل مسافرن جي ڳولا جاري آهي. ياد رهي ته روسي ايوي ايشن اختيارين موجب جهاز ۾ هڪ روسي مريضه سميت 6 ڄڻا سوار هئا. جهاز ڀارت جي فصائي حدن مان لاهور مان پاڪستان ۾ داخل ٿي پشاور کان افغانستان ۾ ويو هو.