اسلام آباد: (م ڊ ) وفاقي تعليم واري وزارت جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 62 لک ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. 2021-2022 جي ڊيٽا تي هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي جيڪا سڀاڻي جاري ڪئي ويندي. رپورٽ جي انگن اکرن موجب پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 17 لک 30 هزار ٻار تعليم کان محروم آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 76 لک 30 هزار، ڪي پي ڪي ۾ 36 لک 3 هزار ۽ بلوچستان ۾ 31 لک 30 هزار ٻار تعليم کان محروم آهن. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 8 لک ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 30 سيڪڙو ٻار مختلف سببن جي آڌار تي اسڪول نه پيا وڃي سگهن جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ بلوچستان ۾ 65 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. بلوچستان جي نسبت خيبرپختونخواهه جو تعليمي معيار بهتر آهي خيبرپختونخواهه ۾ 30 سيڪڙو ٻار اسڪول نه پيا وڃن.وفاقي تعليم واري وزارت جي رپورٽ موجب 2016 ۽ 2017 ۾ 44 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا جڏهن ته 2021 ۽ 2022 ۾ 39 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. انٽر جي سطح تي ڏٺو وڃي ته 60 سيڪڙو ٻار تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن جڏهن ته ميٽرڪ، مڊل ۽ پرائمري سطح تي 44 سيڪڙو، 30 سيڪڙو ۽ 36 سيڪڙو ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن.