اسلام آباد: (م ڊ ) روينيو حدف پورا نه ٿيڻ تي پاڪستان آءِ ايم ايف کي يقين ڏياري ڇڏيو آهي ته 15 فيبروري کان اڳ گيس جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو. جڏهن ته اهڙي طرح پاڪستان هر مهيني 18 ارب روپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ به تيار آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 216 ارب جا اضافي ٽيڪس صرف ان صورت ۾ لڳايا ويندا جڏهن ايف بي آر ۽ ٻيا ذريعا وصولين جا حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندا. ان حوالي سان ناڻي بابت نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر آءِ ايم ايف کي يقين ڏياري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته نگران حڪومت مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ پرائمري بجيٽ کي سرپلس رکڻ جو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. آءِ ايم ايف جي اسٽاف ليول رپورٽ موجب پاڪستان ڊسمبر جي ٽه ماهي گيس ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جو نوٽيفڪيشن 15 فيبروري تائين جاري ڪندو. پاڪستاني شماريات کاتي موجب گيس جي قيمت ۾ هڪ سال جي دوران اهو ٽيون اضافو هوندو. نومبر ۾ نگران حڪومت گيس جي قيمت ۾ 1100 سيڪڙو اضافو ڪيو هو.