ڪوئٽه: (م ڊ ) بلوچستان جي اطلاعات بابت نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته اسلام آباد ڌرڻي ۾ ماسڪ پاتل ماڻهو پابندي مڙهيل تنظيمن جا دهشتگرد به ٿي سگهن ٿا. پاڪستان تي الزام لڳائڻ لاءِ دشمن ايجنسيون ڌرڻي جي لاءِ لڳايل ڪيمپ کي نشانو بنائي سگهن ٿيون. ڪوئٽه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات بابت صوبائي نگران وزير جان اچڪزئي چيو ته ماهه رنگ بلوچ گم ٿيل ماڻهن جي نالي تي ڊراما ڪري رهي آهي. ماهه رنگ گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جن ماڻهن کي هن گم ٿيل ڄاڻايو هو اهي دهشتگرد ايران ۾ مارجي ويا. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت تمام گهڻيون ڪاميابيون ملي هيون آهن. هي ٽولو پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڍال بڻجي رهيو آهي. هي ماڻهو اسلام آباد ۾ تخريبڪاري لاءِ ويٺل آهن اهي ماڻهو امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي کي روڪڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي هتي به هاڻ ڪوبه واقعو ٿي سگهي ٿو. جان اچڪزئي چيو ته اسلام آباد ڌرڻي ۾ ماسڪ پاتل ماڻهو پابندي مڙهيل تنظيمن جا دهشتگرد به ٿي سگهن ٿا. پاڪستان تي الزام لڳائڻ جي لاءِ دشمن ايجنسيون ڌرڻي جي ڪيمپ کي نشانو بنائي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جيش العدل جهڙي تنظيم جو ڪوبه وجود نه آهي. اهو عدالتي معاملو نه آهي. اسلام آباد ۾لڳايل ڪيمپ کي انتظامي طور منهن ڏنو وڃي.