My WordPress Blog

پاڪ _ ايران ڇڪتاڻ سان اليڪشن يا اليڪشن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو: اليڪشن ڪميشن

0

اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پاڪ _ ايران ڇڪتاڻ سان اليڪشن يا اليڪشن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو، سرحدن تي ڇڪتاڻ باوجود اسان جو سمورو ڌيان 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي شيڊول موجب ۽ اعلانيل تاريخ تي ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي. ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تياري ۾ مصروف آهي، اهڙي ڪابه تجويز يا آپشن غور هيٺ ناهي ته ڇڪتاڻ سبب اليڪشن جي تاريخ  تي نظرثاني ڪئي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.