اسلام آباد: (م ڊ ) وفاقي حڪومت عمران خان خلاف جيل ۾ سائفر ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف جيل ۾ سائفر ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. وفاقي حڪومت طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ سائفر ٽرائل لاءِ قائم خاص عدالت کي ڪالعدم قرار ڏنو، هاءِ ڪورٽ وٽ خاص عدالت جي حيثيت ختم ڪرڻ جو اختيار نه آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو درست جائزو نه ورتو. درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 21 هين نومبر 2023ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.