My WordPress Blog

جيڪب آباد ۾ نوجوان جو لاش هٿ، وراثن جو احتجاج

0

جيڪب آباد: (م ڊ ) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جيئل شاهه پاڙي جي واهه مان خدا بخش ولد عبدالرحمن بروھي جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو. وارثن لاش ايمبولينس ۾ رکي جمالي واهه تي احتجاج ڪيو آهي. ان موقعي تي فوتي جي وارثن الله بخش، مولابخش، محمد رحيم، ارباب بروهي الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بابل شھزمان لالو بروهي وارن چوري جو ڪوڙو الزام ڏئي تشدد ڪري قتل ڪري لاش کي جمالي واهه ۾ ڦٽو ڪيو آھي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي اسان جو مطالبو آھي ته ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان علائقي ۾ چوٻول هلندڙ هيا ته ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي چور واه لڪي ويو جتي ٿڌ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پوليس موجب مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرائي بعد ۾ جاچ شروع ڪئي ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.