اسلام آباد (م ڊ ) ايران ۽ پاڪستان کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي طاقتن هٿان استعمال ٿيڻ کان بچڻ گهرجي. نامياري صحافي افتخار احمد جو چوڻ آهي ته ايران رات جي اونداهيءَ ۾ ۽ پاڪستان ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڪارروائي ڪئي، هاڻي معاملو ختم ٿيڻ گهرجي. چين ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين لاءِ سرگرم آهي. اميد ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو اچي ويندو. آمريڪا ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. ان سازش کي ٻئي ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته اصل ۾ ايران غلط فهميءَ جو شڪار ٿيو ۽ پاڪستان کي عراق ۽ شام سمجهي ڪارروائي ڪئي. جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ايران جي غلط فهمي ختم ٿيڻ گهرجي.پاڪستان جي فوجي توڙي سياسي قيادت ايران سان دلي طور جنگ جي حق ۾ نه آهي. رد عمل پاڪستان جي مجبوري هئي.نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ ڪو به ايراني شهري متاثرنه ٿيو آهي ۽ نه ئي ماريوويو آهي، ان جي تصديق ايران به ڪئي آهي. تازا اطلاع آهن ته چين ٻنهي ملڪ کي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آهي.ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ به اهو آهي ته جنگ کان پاسو ڪن ۽ عالمي طاقتن جي هٿن ۾ نه کيڏن اهي به اطلاع آهن ته پاڪ – ايران ڇڪتاڻ باوجود سرحدي واپار جاري رهيو جيڪا اميد افزا ڳالهه آهي.