My WordPress Blog

ڏهرڪي ڀرسان جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀائيٽي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

0

ڏھرڪي: (م ڊ ) ڏهرڪي ڀرسان گذريل رات ڳوٺ جان محمد شر ۾ جوابدار غلام محمد شر پنهنجي ڀائيٽي 20 ورهين جي مهناز زال محمد آصف شر ۽ 22 ورهين جي نوجوان سڌير چڍڙ کي ڪارنهن الزام هيٺ ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو جوابدار غلام محمد شر ٻٽي قتل کان پوءِ واقعي واري هنڌان فرار ٿي وڃڻ ۾  ڪامياب ٿي ويو. اھڙي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، جنهن بعد  فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ڏھرڪي منتقل ڪيا ويا، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا کينجهو پوليس سڌير چڍڙ قتل ڪيس ۾ ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏھن ته مُک جوابدار ھن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگھيو آھي. ٻئي پاسي مقتول سڌير احمد چڍڙ جي وارثن ميڊيا اڳيان دانھندي چيو آهي  ته اسان جي نوجوان کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.