تهران: (م ڊ ) ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي ايران ۾ پاڪستان طرفان ڪيل حملن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي ارنا پاڪستاني حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خميس جي ڏينهن ايراني شهر سروان ويجهو ميزائل حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا جيڪي ايراني شهري نه هئا. ارنا موجب سيستان جي ڊپٽي گورنر جنرل علي رضا مرحمتي چيو آهي ته مقامي وقت موجب حملو صبح جو 4 لڳي 5 منٽن تي ڪيو ويو جنهن ۾ ايران جي سرحدي ڳوٺ کي نشانو بنايو ويو. ارنا موجب ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي اختيارين سروان جي حدن ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا آهن. اختيارين ٻڌايو ته سروان جي علائقي ۾ ڪجهه دير بعد هڪ ٻيو ڌماڪو ٻڌو ويو جنهن ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. سروان شهر صوبي جي گادي واري شهر زاهدان جي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ 347 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي.