My WordPress Blog

آپريشن سرمچار ايران جي خلاف نه دهشتگردن تي ڪيو ويو، پاڪستان جي سلامتي، قومي مفاد تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو: پرڏيهي ترجمان

0

اسلام آباد: (م ڊ ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايران پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪساني عوام ايراني عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ محبت رکي ٿي، آپريشن سرمچار ايران تي ناهي ڪيو ويو پر ايران ۾ موجود بي ايل اي ۽ بي ايل ايف تي ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ بريفنگ ڏيندي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ايران پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ايراني عوام جي لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو آهي. اسان جي فوج انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ دهشتگرد مارجي ويا. پاڪستان ثبوتن سان دهشتگردن جي موجودگي تي ڊوزٽيز شيئر ڪيا.ممتاز زهره بلوچ چيو ته انتهائي ڏکيو ۽ ڪامياب آپريشن پاڪستان جي هٿياربند فوج جو پيشوارانه مهارت جو چٽو ثبوت آهي. پاڪستان ۾ پنهنجو تحفظ پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت آهي. پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو.هن چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر جي طور تي پاڪستان به گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي برقرار رکندو آهي. اسان دهشتگردي سميت گڏيل چيلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهيون ۽ تعاون تي زور ڏنو آهي. اڃان تائين گذريل 3 چئن ڪلاڪن ۾ ايراني اختيارين سان ڪوبه رابطو نه ٿي سگهيو آهي. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن مهينن کان پاڪستان بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جي دهشتگردن جي ايران ۾ موجودگي جي حوالي سان ايران سان رابطي ۾ هو. پاڪستان ايران کي ويجهو دوست مڃي ٿو ۽ ان جي دل سان عزت ڪري ٿو. ايران هڪ پاڙيسري ملڪ آهي. آپريشن سرمچار ايران تي نه ڪيو ويو پر ايران ۾ موجود بي ايل اي ۽ بي ايل ايف تي ڪو ويو آهي. پر ايران پاڪستان تي حملي کان اڳ اسان سان ڪنهن به قسم جي ڪابه تفصيل شيئر نه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سمورين ڌمڪين جي خلاف پنهنجو دفاع پاڻ ڪري سگهي ٿو. 2 ڏينهن اڳ جيڪو به ٿيو پاڪستان جي لاءِ حيران ڪن هو. سرمچار آپريشن انٽيليجنس بيسڊ آپريشن هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.