اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊ نشانن جي تبديلي نه رڪجي ته انهن تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه رستو نه هوندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته چونڊ نشان الاٽ ٿيڻ کان پوءِ مختلف فورمز تان نشان تبديل ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ کان پوءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته چونڊ نشان جي تبديلي تي بيلٽ پيپرز ٻيهر پرنٽ ڪرائڻو پوندو جنهن جي لاءِ اڳ ئي وقت محدود آهي ۽ چونڊ نشان تبديل نه ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڪيترائي ڀيرا هديتون جاريون ڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اسپيشل ڪاغذ بيلٽ پيپرز جي لاءِ ڏنو ويو آهي. نشان جي تبديلي سبب اهو به ضايع ٿي ويندو. هن چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ 900 ٽن ڪاغذ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جي لاءِ استعمال ٿيو هو ۽ 2024 جي چونڊن ۾ 2 هزار 70 ٽن ڪاغذ استعمال ٿيڻ جو اندازو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب 2018 جي چونڊن ۾ 11 هزار 700 اميدوارن حصو ورتو هو ۽ 2024 جي چونڊن ۾ 18 هزار 59 اميدوار ميدان ۾ آهن. 2018 ۾ 220 ملين بيلٽ پيپرز ڇپرايا ويا هئا ۽ هن ڀيري 260 ملين بيلٽ پيپرز ڇپرايا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجلاس ڪوٺايا پيا وڃن.