My WordPress Blog

پاڪستان مان ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس

0

اسلام آباد: (م ڊ )  چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڪستان مان ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو. سپريم ڪورٽ ۾ چوري جي الزام ۾ نامزد ڪاشف جي ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جنهن جي گهر مان هٿيار چوري ٿيا پوليس ان کان لائسنس جو به نه پڇيو. مالڪ پاڻ چئي رهيو آهي ته 2 ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پستول سميت ٻيون قيمتي شيون چوري ٿيون. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مون کي به اها آڇ ڪئي وئي هئي ته اوهان به ڪلاشنڪوف جو لائسنس وٺو، منشيات ۽ ڪلاشنڪوف پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ڪارا شيشا  لڳائي وڏين وڏين گاڏين ۾ ڪلاشنڪوف کڻي دنيا ۾ ڪٿي به ڪير ناهي گهمندو. پاڪستان مان ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس درخواستگذار کان پڇيو ته اوهان وٽ ڪلاشنڪوف ڪٿان کان آئي؟ آءِ جي اهڙين ڪلاشنڪوف جا ڪاغذ ڏئي رهيو آهي ته پوءِ ڇو نه انهي جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي؟ چيف جسٽس چيو ته گهرو  سيڪريٽري کي لکي ڏيون ٿا ته سموريون ڪلاشنڪوفون ۽ ان جا لائسنس واپس ڪريو، اسڪول ۽ بازارن ۾ وڃو ته ماڻهو ڪلاشنڪوف کڻي بيٺل نظر ايندا آهن. جيڪڏهن اهي ڊڄن ٿا ته پنهنجي گهرن ۾ رهن، ٻاهر ان لاءِ نڪرن ٿا ته جيئن ماڻهن کي ڊيڄاريو وڃي ۽ پنهنجو اثر رسوخ ڏيکاري سگهن. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اسلام آباد ۾ ڪلاشنڪوف کڻي گهرن کان ٻاهر گارڊ بيٺل هوندا آهن. ڪارن شيشن وارين گاڏين ۾ ماڻهو ڪلاشنڪوف کڻي گهمي رهيا آهن. پوليس جي انهن کان پڇڻ جي همت ناهي هوندي. ڪيئن خبر پوندي ته ڪلاشنڪوف وارا دهشتگرد هئا يا ٻيا ڪي ماڻهو هئا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بنا لائسنس جي هٿيار رکڻ ڏوهه آهي پر پوليس انڪوائري ۾ مالڪ کان اهو به نه پڇيو ته اوهان وٽ هٿيار ڪٿان کان آيا. سپريم ڪورٽ جوابدار ڪاشف جي 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ سڄي ملڪ ۾ پابندي مڙهيل هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ بابت اختيارين کان تفصيل طلب ڪندي گهرو سيڪريٽري، گهرو وزات، سمورن آءِ جيز، اٽارني جنرل ۽ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.