اسلام آباد: (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته عام چونڊن جي حوالي سان اسان جو پلان سي به تيار آهي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان چيو ته لنڊن پلان جي تحت جمهوريت کي چيڀاٽيو پيو وڃي. چونڊ مهم شروع ٿيڻ جي باوجود اسان کي ماڻهن کي کنيو پيو وڃي. 9 مئي جي واقعن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي جيلن ۾ وڌو ويو. ڪيپيٽل بل واقعي ۾ سي سي ٽي وي جي مدد سان ماڻهن کي پڪڙيو ويو هو. پي ٽي آءِ باني چيو ته عام چونڊن ۾ اسان جو پلان سي به تيار آهي. 8 فيبروري تي انهن کي جهٽڪو لڳندو. صحافين سان ڳالهين دوران پي ٽي آءِ باني کان سوال ڪيو ويو ته شير افضل مروت ڪجهه چوي ٿو ته پارٽي ترجمان حسن رئوف ڪجهه ٻيو؟ اهڙي سوال تي عمران خان چيو ته شير افضل مروت جذباتي آهي ان لاءِ کيس ڪراچي کان لاهور اچڻو هوندو آهي پر هو ڪوئٽه پهچي ويندو آهي. اهڙين ڳالهين جي اسان کي وضاحت ڏيڻي پوندي. هو اسان سڀني جي سامهون کيڏي رهيو آهي. عمران خان چيو ته حڪومت ڪيرائڻ جي باوجود جنرل باجوه سان ڳالهيون ڪيون، جنرل باجوه چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون مسئلن جو حل آهن. جنرل باجوه چيو ته سٺن غلامن جيان سائفر جي ڳالهه نه ڪريو ٻئي صورت ۾ ڪيسن جي برسات ٿيندي. ڇا حڪومت ڪيرائڻ جي سازش کي بي نقاب ڪرڻ غداري آهي؟ هن سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائيل کي لائيو ڏيکارڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته مان چاهيان ٿو ته قوم کي خبر پوي ته ڇا ٿي رهيو آهي.