My WordPress Blog

ڪراچي ۾ بدامني تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا چُپ ڇو آهن؟ وڏي وزير جي آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز کي ڇنڊ

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.نگران وڏي وزير پنهنجي خط ۾ لکيو ته سنڌ جي وڏن شهرن سميت ٻهراڙين ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، صوبي ۾ وڌندڙ ڏوهن ۾ تازي واڌ ڳڻتي جوڳي آهي.هن چيو ته صوبي ۾ ڏوهن جي وڌندڙ لهر کي روڪڻ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن، ڇو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جهڙيون وارداتون وڌي رهيون آهن، اخبارون ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سڀ ڏوهن جي مسلسل نشاندهي ڪري رهيا آهن، چونڊ اميدوارن تي حملن ۽ ڏينهن ڏٺي اغوا جي واقعن جون به رپورٽون آهن.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته معاشري ۾ عورتن، ٻارن توڙي پوڙهن کي ڏوهن سان نقصان ٿي رهيو آهي، صحافي، وڪيل، ڊاڪٽر، واپاري ۽ ٻيا پيشيور ماڻهو به غير محفوظ آهن، ان صورتحال باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا چُپ ڇو آهن؟ شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.