اسلام آباد: (م ڊ ) وفاقي سرڪار ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 8 روپين تائين لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب نگران وفاقي سرڪار اوگرا جي سفارش تي ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 8 روپيه في ليٽر لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تازي لاٿ کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 253.34 پئسا ٿي وئي. ان کان علاه حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪابه لاٿ يا هيٺ مٿانهين نه ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 276.21 روپيه في ليٽر برقرار رکي وئي آهي.