My WordPress Blog

عمران خان توشه خانه ۽ القادر ٽرسٽ ڪيسز ۾ جيل ٽرائل کي چيلينج ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ )   پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان توشه خانه ۽ القادر ٽرسٽ ڪيسز ۾ جيل ٽرائيل کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان توشه خانه ۽ القادر ٽرسٽ نيب ڪيسز ۾ جيل ٽرائيل جي ٻنهي نوٽيفڪيشن جي خلاف درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏيون. عدالت سڳوري ۾ داخل ڪيل درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ 14 نومبر تي جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. توشه خانه ڪيس ۾ جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن 28 نومبر تي جاري ٿيو. جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جيل ٽرائيل جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ درخواست جي ٻڌڻي هيٺ رهڻ تائين ٽرائيل ڪورٽ جي ڪارروائي کي روڪيو وڃي. پي ٽي آءِ باني طرفان داخل ڪيل درخواستن ۾ نيب چيئرمين ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.