اسلام آباد: (م ڊ ) سينيٽر دلاور خان عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ٺهراءُ تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سينيٽ چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ آزاد سينيٽر دلاور خان سينيٽ چيئرمين جي نالي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اهو سبب ڳڻتي جوڳو آهي ته اليڪشن ڪميشن اڃان تائين 8 فيبروري تي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٺهراءُ ۾ نشاندهي ڪيل مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها ۽ ايوان جي نگران جي حيثيت سان مون کي حق آهي ته مان ٺهراءُ تي عمل ڪرڻ جي موجوده صورتحال معلوم ڪريان. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صورتحال خراب آهي ان ڪري 8 فيبروري تي چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. ياد رهي ته سينيٽر دلاور سان سڀني کان پهريان عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي قرارداد سينيٽ ۾ پيش ڪئي هئي جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. انهي قرارداد جي منظوري وقت سينيٽ ۾ 14 سينيٽرز موجود هئا.