My WordPress Blog

پستول ڪٿان کان آيو، ڇا بندوق ڏيکاري چونڊون وڙهندو؟ سنڌ هاءِ ڪوٽ(ق) ليگي اميدوار جي درخواست رد ڪري ڇڏي

0

ڪراچي: (رپوٽر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ(ق) جي پي ايس 76  ميرپورساڪرو کان اميدوار معشوق علي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. مسلم ليگ(ن) جي پي ايس 76 تان اميدوار معشوق علي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ريمارڪس ڏنا ته ضابطا پورا ناهن ڪيا ويا ته ڪيئن چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيون؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اميدوار کان پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن جا فرنٽ مين آهيو؟ ڪير آهيو، ڪنهن سان مقابلو ڪندو؟ جنهن تي اميدوار معشوق علي ٻڌايو ته مسلم ليگ(ق) نامزد ڪيو آهي تڪ جي عوام جي مدد سان چونڊ وڙهي رهيو آهيان. اعتراض ڪندڙ وڪيل چيو ته معشوق علي نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجو پيشو گڏهه گاڏو هلائڻ لکيو آهي، جڏهن ته اثاثن ۾ پستول به ظاهر ڪيو آهي.   چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته اوهان کي فاروق ڀرڻ نٿو اچي، ڪيترائي ماڻهو اهڙي قسم جا ڪوڙا فارم به جمع ڪرائيندا آهن، پستول ڪٿان کان آيو اوهان وٽ؟ ڇا  بندوق ڏيکاري چونڊ وڙهندو؟ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته خالي فارم ڀري ڇڏيو ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پهچي وڃو. چيف جسٽس پي ايس 76 تان مسلم ليگ(ق) جي نامزد اميدوار جي درخواست رد ڪندي چيو ته اوهان کي ڪنهن چيو آهي ته چونڊن ۾ حصو وٺو؟ حق حلال جي روزي ڪمايو، پنهنجي ٻارن جي سٺي طريقي سان پرورش ڪريو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.